سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد

سنڌ يونيورسٽي پريس، حيدرآباد: سـنڌ يـونيورسٽيءَ ۾ علامه آءِ. آءِ قاضي 53- 1952ع ڌاري وائيس چانسلر مقرر ٿيو. هن 1954ع ڌاري، جرمنيءَ مان ڏيڍ لک روپين ۾، جديد مشين گھرائي پريس جي شروعات ڪئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پريس جي ڪميٽيءَ جو شروعاتي ميمبر هو. علامه آءِ.آءِ قاضي شاگردن ۾ تعليمي شوق پيدا ڪرڻ لاءِ پريس قائم ڪئي. علامه صاحب جي اها سوچ هئي ته هن پريس ذريعي، يونيورسٽيءَ جا پنهنجا پيپر ڇپجن، ڪتاب شايع ٿين، مخزن ۽ تحقيقي رسالا وغيره پڻ شايع ٿين. علامه جي انهيءَ خواهش جي پيروي ٿي ۽ هن پريس ذريعي ڪيترائي تحقيقي ڪتاب ترجمو ڪيل اردو ۽ انگريزي ۾ شايع ٿيا. هن پريس ذريعي ادبي ڪتابن سان گڏ ڊڪشنريون، تحقيقي ڪتاب، سنڌي شعبي جو مخزن ڪينجهر ۽ ٻيون مخزنون، ڪئٽالاگ، امتحاني پرچا، آفيس ورڪ جا پنا وغيره شايع ٿيندا رهندا آهن.


لفظ سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو